LOADING

Type to search

سندھی نیوز

زراعت جو شعبو ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، ملڪي ترقي زرعي شعبي جي جدت کانسواءِ ممڪن نه آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

 وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته زراعت جو شعبو ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، ملڪي ترقي زرعي شعبي جي جدت کانسواءِ ممڪن نه آهي، هلندڙ سال ڪڻڪ جي رڪارڊ پيداوار حڪومت جي آبادگار پئڪيج جي ڪري ممڪن ٿي، ڀاڻ تي سبسڊي سڌوسنئون آبادگارن تائين پهچائي وڃي، حڪومت کاڄرو تيل جي پيداوار وڌائي پاڪستان کي ان ۾ پاڻڀرو ڪندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار زرعي شعبي جي حوالي سان بجيٽ تجويزن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن محمد اسحاق ڊار، راڻا ثناءُ الله، طارق بشير چيما، احسن اقبال، انجنيئر خرم دستگير، مخدوم مرتضيٰ محمود، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، عائشه غوث پاشا، خاص معاونين طارق باجوه، جهانزيب خان، طارق پاشا، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، ايف بي آر چيئرمين ۽ ٻين اعليٰ عملدارن ۽ زرعي شعبي سان تعلق رکندڙ ماهرن ۽ جديد فارمنگ سان واڳيل ناليوارن آبادگارن پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته معياري ٻج جي فراهمي، جديد مشينري، ايڪسٽينشن سروسز ۽ زرعي تحقيق جي لاءِ وسيلا بجيٽ ۾ رکيا ويندا، زرعي سڌارن تي سياست کان هٽي ڪري مستقل بنيادن تي عملي قدم ضروري آهن، زرعي ٽيوب ويلز کي مڪمل طور تي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جي لاءِ بجيٽ ۾ عملي قدم شامل ڪيا وڃن. هن چيو ته گذريل حڪومت اسان جي ٺاهيل زرعي تحقيقي ادارن کي ڄاڻي واڻي تباهه ڪيو، ايگريڪلچر پاليسي انسٽيٽيوٽ کي فوري طور تي فعال ڪيو وڃي، هلندڙ سال اسان ڪڻڪ، ڪپهه ۽ ڪمند جي بهترين امدادي قيمت سان آبادگارن جي خوشحالي يقيني بڻائي، حڪومت ڳوٺاڻي معيشت کي بهتر بڻائي پيداوار جي ويليو ايڊيشن يقيني بڻائيندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڳوٺن ۾ ميون جي پراسيسنگ ۽ پلپنگ جي لاءِ ننڍا پلانٽ هنيا وڃن، کاڄرو تيل ۽ ٻين زرعي جنسن ۾ پاڻڀرائپ سان درآمدات تي دارومدار گهٽ ٿيندو ۽ قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي، حڪومت يقيني بڻائيندي ته آبادگارن کي وقت سر ۽ آسان شرطن تي قرض فراهم ڪيا وڃن. اجلاس کي زرعي شعبي جي حوالي سان گذريل هڪ سال ۾ وزيراعظم جي سڌارن جي حوالي سان پڻ تفصيلي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي خصوصي آبادگار پئڪيج جي ڪري نه رڳو آبادگارن کي آسان شرطن تي قرضن جي فراهمي ممڪن ٿي پر وقت سر ڀاڻ ۽ معياري ٻج جي ڪري ڪڻڪ جي گذريل 10 سالن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ پيداوار ممڪن ٿي. وزيراعظم جي هدايت تي ڪڻڪ، ڪمند ۽ ڪپهه جي بهترين امدادي قيمتن جي ڪري آبادگار خوشحال ٿيو ۽ ايندڙ فصلن جي پيداوار ۾ اضافو پڻ متوقع آهي. وزيراعظم کي عالمي معيار جي ٻجن، جانورن جي افزائش جي لاءِ سيمن جي درآمد، زرعي تحقيقي ادارن کي فعال ڪرڻ ۽ آبادگار پئڪيج جي حوالي سان عملدرآمد تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي نيشنل آئل سيڊ پاليسي تي بريفنگ ڏني وئي جنهن جو محور درآمدي کاڄرو تيل تي دارومدار گهٽ ڪري معياري ٻج فراهم ڪرڻ آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته حڪومت پاران معياري ٻجن جي فراهمي جي لاءِ جديد خودڪار سيڊ سرٽيفڪيشن ۽ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم آبادگارن ۽ لاڳاپيل شعبي جي ماهرن جي راءِ کي فائديمند قرار ڏيندي وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما کي زرعي شعبي جي حوالي سان بجيٽ تجويزن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ ٻه ذيلي ڪميٽيون ٺاهڻ جي هدايت ڪئي. ڪميٽيون زرعي شعبي جي جدت، ميڪنائيزيشن، معياري ٻج جي فراهمي، ڀاڻ تي آبادگارن کي سڌوسنئون سبسڊي، ٽيوب ويلز جي سولرائيزيشن ۽ پاليسي قدمن کي حتمي شڪل ڏينديون. ڪميٽيون ان ڳالهه کي پڻ يقيني بڻائينديون ته زراعت جي شعبي ۾ روانگي واپار جي لاءِ ويليو ايڊيشن ۽ زرعي پيداوار کي عالمي ويليو چينز سان ڳنڍيو وڃي ته جيئن آبادگارن جي پيداوار عالمي منڊين تائين وقت سر پهچائي سگهجي

Leave a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *

WP2Social Auto Publish Powered By : XYZScripts.com