وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ترڪيه جي لاءِ روانو ٿي ويو
وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ترڪيه جي لاءِ روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير ڊاڪٽر مهمت پاچاجي وزيراعظم کي ترڪيه روانو ٿيڻ وقت رخصت ڪيو. وزيراعظم ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي دعوت تي ان جي تازي صدارتي چونڊن ۾ ٻيهر چوندجڻ تي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ ترڪيه جو دورو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم ترڪيه ۾ ترڪ سيڙپڪارن ۽ بزنس ڪميونٽي سان پڻ ملاقاتون ڪندو