LOADING

Type to search

سندھی نیوز

وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي دعوت تي پنهنجي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي باڪو آذربائيجان پهچي ويو

وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي دعوت تي پنهنجي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي باڪو آذربائيجان پهچي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب باڪو پهچڻ تي آذربائيجان جي اول نائب وزيراعظم يعقوب ايوبوف، نائب پرڏيهي وزير النور مامادوف، پاڪستان ۾ آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف ۽ آذربائيجان ۾ پاڪستان جي سفير بلال حئي وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. وزيراعظم جو وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ آذربائيجان جو هي پهريون دورو آهي. وزيراعظم سڀاڻي (15 جون 2023ع) تي باڪو ۾ آذربائيجان جي قومي قائد حيدر عليوف جي مزار تي ويندو ۽ گلدستو رکندو. وزيراعظم آذربائيجان جي شهيدن جي يادگار جو پڻ دورو ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ٿيندي. ملاقات کانپوءِ ٻئي اڳواڻ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪندا. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي فروغ ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ وزيراعظم سان آذربائيجان جي وزيرن جي وفد جي ملاقات پڻ ٿيندي. اي پي پي/ع

Leave a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *