LOADING

Type to search

سندھی نیوز

وزيراعظم محمد شهباز شريف فرانس جي دوري تي پيرس پهچي ويو

وزيراعظم محمد شهباز شريف فرانس جي دوري تي پيرس پهچي ويو. پيرس ايئرپورٽ تي پاڪستاني سفير، اعليٰ فرانسيسي عملدارن ۽ پاڪستاني سفارتخاني جي عملدارن وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون جي دعوت تي وزيراعظم محمد شهباز شريف فرانس جو دورو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم پنهنجي فرانس جي دوري جي دوران گلوبل فنانسنگ پيڪٽ جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. فرانس جي ميزباني ۾ ٿيندڙ ان سربراهي اجلاس ۾ 50 کان وڌيڪ ملڪن جا ملڪي ۽ حڪومتي سربراهه شرڪت ڪري رهيا آهن. وفاقي وزير شيري رحمان، سردار اياز صادق، مريم اورنگزيب ۽ خاص معاون طارق فاطمي وزيراعظم سان اعليٰ سطحي وفد ۾ گڏ آهن. دوري دوران وزيراعظم فرانسيسي صدر پاران ڏنل آجياڻي ۾ پڻ شرڪت ڪندو. وزيراعظم پنهنجي دوري دوران مختلف ملڪن جي سربراهن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو.

  • ٹیگز

Leave a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *

WP2Social Auto Publish Powered By : XYZScripts.com