پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدي کانپوءِ 12 مئي تي ايگزيڪيوٽو بورڊ کان منظوري ورتي ويندي، ڀرپور سفارتڪاري ۽ سخت محنت کانپوءِ پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ 3 ارب ڊالر جو اسٽاف ليول معاهدو ممڪن ٿيو، آءِ ايم ايف سان معاهدي سان ملڪي معيشت مستحڪم ٿيندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف جي پريس ڪانفرنس
وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدي کانپوءِ 12 مئي تي ايگزيڪيوٽو بورڊ کان منظوري ورتي ويندي، ڀرپور سفارتڪاري ۽ سخت محنت کانپوءِ پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ 3 ارب ڊالر جو اسٽاف ليول معاهدو ممڪن ٿيو، آءِ ايم ايف سان معاهدي سان ملڪي معيشت مستحڪم ٿيندي، گذريل ٽن مهينن ۾ چين پاڪستان کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات اسان جو ڀرپور ساٿ ڏنو، ملڪي معيشت جي بحالي جي لاءِ ٺوس منصوبو ٺاهيو آهي، مدو مڪمل ٿيڻ تي حڪومت ڇڏي ڏينداسين، چونڊن جي تاريخ ڏيڻ ۽ ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، نواز شريف علاج جي لاءِ ٻاهرئين ملڪ آهي، جلد وطن واپس ايندو، فتني هڪ سال سازشون ڪري ملڪ کي تباهه ۽ برباد ڪيو، موجوده حڪومت جي دور ۾ هڪ رپئي جي ڪرپشن جو ڪيس سامهون نه آيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ پنجاب جو گورنر انجنيئر بليغ الرحمان پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته پوري مسلمان امت، سموري پاڪستان ۾ رهندڙ ڀائرن ۽ ڀينرن کي عيد مبارڪ هجي، الله تعاليٰ کان دعا آهي ته هن اسلامي تهوار جي نتيجي ۾ پاڪستان ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ٿئي ۽ مشڪلاتن جو خاتمو ٿئي. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان ڪيترن ئي مهينن کان اسان جي ڳالهه ٻولهه جاري هئي، اها اڄ انتهائي مثبت نتيجي تي پهتي آهي، ان حوالي سان آءِ ايم ايف پڻ بيان جاري ڪيو آهي، ان معاشي بار ۽ عوام تي بي پناهه تڪليفن جو سبب ڄاڻڻ ضروري آهي، عيدالاضحيٰ ايثار ۽ قرباني جو نالو آهي ۽ قرآن ڪريم ۾ ان حوالي سان واضح پيغام آهي، عيدالاضحيٰ ايثار ۽ قرباني جو اهو جذبو آهي جيڪو هڪ خاندان، معاشري ۽ قومن کي مشڪلاتن مان ڪڍي ٿو، قومون کي يڪجهتي، يڪسوئي ۽ ڏينهن رات محنت سان مشڪلاتن مان نڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي ۽ ڪاميابي حاصل ٿئي ٿي. وزيراعظم چيو ته 2018ع تائين ملڪ نواز شريف جي قيادت ۾ الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان تمام گهڻي تيزي سان ترقي جي راهه تي گامزن هو، اسان جي بدترين تنقيد ڪندڙن کي به ان تي اختلاف ڪرڻ جي جرئت نه آهي ڇو ته اسان جي ترقي جي شرح 18 – 2017ع ۾ 6.2 هئي ۽ پاڪستان جو دنيا جي تيزي سان ترقي ڪندڙ معيشتن ۾ ڳاڻيٽو ٿيڻ لڳو هو، 20، 20 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ جو خاتمو ٿي چڪو هو، نواز شريف جي قيادت ۾ سي پيڪ تي تيزي سان ڪم ٿي رهيو هو، بجلي جا منصوبا مڪمل ٿيا، پن بجلي منصوبن تي ڪم شروع ٿيو، رستن جو ڄار وڇايو ويو، شمسي توانائي ۽ ونڊ پاور جا منصوبا لڳايا ويا، پاڪستان دنيا جي ٻين قومن سان گڏ ترقي جي ڊوڙ ۾ سڀ کان اڳتي هلي رهيو هو. هن چيو ته بدترين ڌانڌلي جي ذريعي عمران نيازي کي اقتدار جي منصب تي زبردستي ويهاريو ويو، آر ٽي ايس بند ٿيو، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڳوٺن ۾ چونڊ نتيجا ڪجهه ڪلاڪن ۾ آيا ۽ شهرن ۾ نتيجن ۾ ڏينهن نه هفتن جي دير ٿي، اهي تاريخ جون بدترين چونڊون هيون. وزيراعظم چيو ته اڳوڻي حڪومت آءِ ايم ايف سان ڳالهه ٻولهه ۾ هٻڪ ڏيکاري جنهن سان 6 مهينن جي دير ٿي، ان جي ڳالهه ٻولهه ۾ دير سان ملڪ کي وڏو نقصان ٿيو، پوءِ آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪري ان جون ڌڄيون اڏايون ويون ۽ پاڪستان جي وقار کي نقصان پهچائڻ جي ڀرپور ناپاڪ ڪوشش ڪئي وئي ۽ عالمي ادارن جو پاڪستان تي اعتماد کي نقصان پهتو. هن چيو ته پوري دنيا ۾ ڪورونا سان ترقي جي رفتار متاثر ٿي پر ڪورونا دوران جيڪو ڪجهه حاصل ڪري سگهجيو پئي ان مان ڏوهاري غفلت جي ڪري فائدو نه کنيو ويو، قدرتي گئس، ايل اين جي ڪورونا دوران 3 ڊالر تي اچي چڪيون هيون انهن جو سودو نه ڪيو ويو جنهن جو خميازو بعد ۾ قوم ڀوڳيو. شهباز شريف چيو ته اسان وڏي محنت سان ڀائر ملڪ آذربائيجان سان ايل اين جي جو معاهدو ڪيو، معاهدي جون هي شرطون آهن، آذربائيجان پاڪستان کي سستي ڪارگو جي آڇ ڪندو ۽ پاڪستان هر مهيني پنهنجي مرضي سان خريداري ڪندو، خريداري نه ڪرڻ جي صورت ۾ ڪو ڏنڊ نه هوندو. هن چيو ته ماضي جي حڪومت ۾ کنڊ، ڪڻڪ درآمد ۽ برآمد ڪئي وئي جنهن سان منافعو ڪجهه ماڻهن جي کيسن ۾ ويو، مهانگائي ۾ اضافو ٿيو، اها صورتحال اسان کي ورثي ۾ ملي، مخلوط حڪومت ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، قومي خزاني ۾ ڪنهن به خيانت جي انڪوائري ڪندس ۽ قوم آڏو آڻيندس، حڪومت گذريل ڪجهه مهينن ۾ ڀاڻ، ڪڻڪ سميت گهٽ واڪ تي درآمدات ڪيون جنهن سان ملڪ کي اربين رپين جي بچت ٿي، بدترين ٻوڏ آئي، پوريون توانائيون خرچ ٿيون، 100 ارب رپيا وفاقي حڪومت خرچ ڪيا، صوبائي حڪومتن جا وسيلا استعمال ڪيا ويا، وڏو معاشي نقصان ٿيو، ان کان وڌي ڪري فتنه سازي ڪئي وئي ۽ ڄاڻي واڻي فتنو پيدا ڪيو ويو. هن چيو ته ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام جي لاءِ هر ڪوشش ڪئي وئي، پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ بيانيا ٺاهيا ويا، هر طريقي سان ملڪ کي بدنام ڪيو، غيرملڪي ادارن کي تنبيهه ڪئي وئي ته پاڪستان جي مدد ڪئي ته هي حڪومت سڀ ڪجهه برباد ڪري ڇڏيندي، ايستائين چيو ويو ته پاڪستان خدانخواسته سريلنڪا بنجڻ وڃي رهيو آهي، سريلنڪا پاڪستان جو دوست ملڪ آهي، سريلنڪا ڏيوالپڻو ٿي ويو هو، آءِ ايم ايف ان کي بيل آئوٽ ڪيو آهي، تازن مهينن ۾ سريلنڪا بدترين معاشي حالتن مان نڪري رهيو آهي، هتي دوست نما دشمن پاڪستان کي سريلنڪا جهڙين حالتن جي ور چاڙهڻ چاهيندا هئا ان کان وڌيڪ عمران نيازي جي بدترين ملڪ دشمني جو ڪهڙو مثال ٿي سگهي ٿو جڏهن ته سريلنڪا جي صدر پيرس ۾ آءِ ايم ايف جي ايم ڊي سان ملاقات دوران پاڪستان بابت سٺا لفظ چئي رهيو آهي، آءِ ايم ايف جي ايم ڊي پڻ ملاقات دوران پاڪستان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، هن چيو ته تازن مهينن ۾ آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سان ٽيليفون تي ڪيترائي ڀيرا ڊگهي ڳالهه ٻولهه ٿي، خطن جي مٽاسٽا ٿي، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ ناڻي واري وزارت جي ٽيم شرطن جي حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، پيرس ۾ آءِ ايم ايف جي ايم ڊي سان وفد سان گڏ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، ان کان پڇيو ته انهن جي ڪهڙي شرط پوري ناهي ٿي، اسان پنهنجي سياست داءُ تي لڳائي ڇڏي، نواز شريف، مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي پارٽين پنهنجو سياسي سرمايو داءُ تي لڳائي ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچائڻ ۽ ملڪي معيشت جي استحڪام لاءِ سخت فيصلا ڪيا، هن وڌيڪ ٻه شرطون ٻڌايون، انهن تي قدم کنيا، اسحاق ڊار کي ٽيليفون ڪري هر ممڪن قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي، ناڻي واري وزارت جي ٽيم ڏينهن رات ڪم ڪيو. وزيراعظم چيو ته هن پيرس ۾ اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر سان ملاقات ڪئي، هن هڪ ارب ڊالر پاڪستان کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو، اهو الله تعاليٰ جي مدد سان ممڪن ٿيو، آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سان پيرس ۾ وڌيڪ ملاقاتون ٿيون، وطن واپس اچي ٻيهر ان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدو ٿي چڪو آهي، 12 جولاءِ تي آءِ ايم ايف سان ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس ٿيندو ۽ ان ۾ پاڪستان جي لاءِ 3 ارب ڊالر جي اسٽينڊ باءِ معاهدي جي منظوري ڏني ويندي، اي ايف ايف جو وقت 30 جون تي ختم ٿي ويو آهي، آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ ان جي ٽيم جو ٿورائتو آهيان، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ۽ ان جي ٽيم جو به ٿورائتو آهيان، انهن ڀرپور محنت ڪئي، انهن پاڪستان جي بهترين مفاد ۾ ڏينهن رات ڪم ڪيو. وزيراعظم چيو ته اهو فخر جو لمحو نه آهي پر فڪر جو لمحو آهي ڇو ته قرضن سان ملڪ ۽ قومون ترقي ناهن ڪنديون، اهو قرض اسان کي مجبوري ۾ وٺڻو پئجي رهيو آهي، سمورن پاڪستانين کي گذارش آهي ته اهي دعا ڪن ته اهو آخري ڀيرو هجي ته پاڪستان آءِ ايم ايف جو پروگرام حاصل ڪري، ان کانپوءِ اسان کي قرض وٺڻو نه پوي، خدا ڪري ته اسان کي ٻيهر آءِ ايم ايف وٽ نه وڃڻو پوي. هن چيو ته ترڪيه 2007ع ۾ آخري ڀيرو آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪيو ۽ پوءِ ڪڏهن به آءِ ايم ايف وٽ نه ويو، اسان جي ملڪ ۾ ڪيترائي ڀيرا آءِ ايم ايف پروگرام کي اڌورو ڇڏيو ويو، نواز شريف جي دور ۾ پهريون ڀيرو ان کي مڪمل ڪيو ويو، ملڪ ۾ ترقي ۽ خوشحالي آئي. هن چيو ته عام ماڻهو کي نه هاڻي اشرافيه کي قرباني ڏيڻي پوندي، عام ماڻهو 75 سالن کان قربانيون ڏئي رهيو آهي، هو پنهنجي ٻارن جي لاءِ عيد جي خريداري نه ٿو ڪري سگهي، گذريل ٽن مهينن ۾ چين پاڪستان کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو، چين پاڪستان کي 5 ارب ڊالر ڪمرشل بئنڪن جي قرض ادائيگي کانپوءِ فوري واپس ڪري ڇڏيا، مون وٽ ان لاءِ ٿورا مڃڻ جي لاءِ لفظ نه آهن، سعودي عرب 2 ارب ڊالر جڏهن ته گڏيل عرب امارات هڪ ارب ڊالر جو واعدو ڪيو، اسلامي تعاون بئنڪ هڪ ارب ڊالر ڏنا. هن چيو ته ائين گذارو نه ٿو ٿي سگهي، دوست ملڪن جي قائدين جي چهرن مان خبر پوي ٿي ته اسان کي اڳئين ڳالهه قرضن جي ڪرڻي آهي. وزيراعظم چيو ته سخت محنت ۽ مشڪل صورتحال جي باوجود اهي مرحلا طئي ٿيا، پاڪستان ڏيوالپڻو ٿيڻ جي خطري کان بچي ويو، ڪير ڄاڻندو هو ته نگران حڪومت سان ڇا ٿيندو، مخالف چونڊن ۾ ڪهڙو بيانيو ڏيندا، ملڪ ڏيوالپڻو جي صورت ۾ اسان ۽ اسان جا اتحادي ڪڏهن به پاڻ کي معاف نه ڪن ها. هن چيو ته مستقبل جي حڪمت عملي ڪهڙي هجڻ گهرجي، اسان کي پنهنجي تياري ڪرڻي پوندي، ڪنهن جي چوڻ تي ٻن صوبائي ناڻي وارن وزيرن آءِ ايم ايف پروگرام روڪڻ جي لاءِ خط لکيا ته جيئن ملڪ ڊيفالٽ ٿي وڃي، ڇا اها پاڪسانيت ۽ حب الوطني آهي، ان کان بدترين سازش ملڪ جي خلاف ڪا ٻي نه ٿي ٿي سگهي. هن چيو ته 9 مئي جا واقعا ان جي ڪڙيءَ آهي، اهو ملڪي تاريخ جو اونداهو ڏينهن هو، اميد آهي مستقبل ۾ اهڙو واقعو ٻيهر نه ٿيندو، 9 مئي جي واقعا ملڪ کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ جي پوري سازش هئي، ان ۾ اندر ۽ ٻاهر کان دوست نما دشمن شامل هئا، انهن 9 مئي جي سازش ڪئي ته جيئن آءِ ايم ايف جو پروگرام نه ٿئي، ملڪ ڏيوالپڻو ٿي وڃي، تباهي ۽ انارڪي ٿي وڃي. وزيراعظم چيو ته تاريخ ڀري پئي آهي جڏهن فتنو پيدا ڪندڙن پنهنجي فوج ۽ قوم کي ويڙهايو، اهي ملڪ کنڊرات بڻجي ويا، الله تعاليٰ 9 مئي تي پاڪستان کي بچايو، مڪروهه چهرا بي نقاب ٿيا، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات کان قرض وٺڻ ۾ حڪومت سان گڏوگڏ اسان جي سپهه سالار پڻ ڀرپور ڪوشش ڪئي، اڳتي وڌي اسان جي مدد ڪئي، گڏيل ڪوششن سان سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات کان 3 ارب ڊالر ملڻ ۾ ڪاميابي ملي، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ان معاملي تي ڀرپور سفارتڪاري ڪئي. هن چيو ته پاڪستان جي معاشي بحالي جي لاءِ اقتصادي بحالي ڪائونسل قائم ڪئي آهي، الله تعاليٰ پاڪستان کي بي پناهه وسيلن سان نوازيو آهي، زراعت ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، زراعت جي بحالي لاءِ ٺوس پروگرام جوڙيو آهي، پاڪستان معدنيات سان مالامال آهي، ريڪوڊڪ کربين رپين جو منصوبو آهي، ان جي ڪيسن ۾ اربين رپيا ضايع ٿيا، مقدمه بازي سان قوم جو پئسو ۽ وقت ضايع ٿيو، انفارميشن ٽيڪنالاجي تي ماضي ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو ويو آهي، ان ۾ روانگي واپار جي وسيع صلاحيت آهي، ان ڏس ۾ ماسٽر پلان ٺاهيو آهي، اهو پاڪستان جي معاشي بحالي جو منصوبو آهي، ان ۾ سياسي، دفاعي ادارا، صوبائي حڪومتون شامل آهن، ان ۾ عدليه، صوبن سميت سمورن ماڻهن کي پنهنجو حصو وجهڻو پوندو. بعد ۾ صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي وزيراعظم چيو ته پاڪ – چين دوستي هماليه کان بلند آهي، جيڪا وڌيڪ مستحڪم ٿيندي، اڳوڻي حڪومت غيرذميواراڻي رويي سان پاڪ – چين لاڳاپن کي نقصان پهچايو، موجوده حڪومت جي دور ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيا آهن ۽ ٻطرفن رابطن ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته چونڊن ۾ عوام جنهن پارٽي کي موقعو ڏنو ان سان تعاون ڪنداسين، جيڪڏهن اسان کي موقعو مليو ته عوام ۽ ملڪ جي مفاد ۾ تيزي سان فيصلن تي عمل ٿيندو، 25 مئي تي لانگ مارچ ٿيو، 9 مئي تي جلاءُ گهيراءُ ڪيو ويو، آئيني حڪومت کي امپورٽيڊ حڪومت چيو ويو، آمريڪا سميت ٻين پاران سازش جو گوڙ ڪيو ويو جڏهن ته انهن ملڪي معيشت کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، عمران خان ۽ هٽلر ۾ ڪهڙو فرق آهي، عمران خان ملڪ ۾ هڪ سِرهه نه هنئي، ملڪ کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته معاشي بحالي منصوبي ۾ زراعت، معدنيات، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ايس ايم ايز جي شعبن تي ڌيان ڏنو پيو وڃي، متحد ٿي ڪم ڪرڻ سان ملڪ ترقي ۽ وڃايل مقام حاصل ڪندو، نواز شريف جيل ڀوڳي، ان جي ڌيءَ کي ان جي آڏو جيل مان گرفتار ڪيو ويو، نواز شريف روزانو وڃي احتساب عدالت ۾ 100 پيشيون ڀوڳيون، هي ته فوري ضمانتن جي لاءِ عدالتن ۾ پهچي وڃن ٿا، نواز شريف علاج جي لاءِ ٻاهرئين ملڪ ويو، هو جلد وطن واپس ايندو، اسان جي خلاف جعلي ڪيسن جو ڇا ٿيو؟ انهن جي دور ۾ عدالتن اسان کي ضمانتون ڏنيون، انهن جي خلاف فارن فنڊنگ ۽ توشه خانه ڪيس آهي، توشه خانه ڪيس ۾ خانه ڪعبه جي تصوير واري گهڙيءَ وڪرو ڪئي جعلي رسيد حاصل ڪئي، اهو دوکي ۽ چوري جو وڏو مثال آهي. وزيراعظم چيو ته تازي بجيٽ ۾ ڪفايت شعاري قدمن کي شامل ڪيو ويو آهي، سينيت چيئرمين پاڻ چيو آهي ته پگهارن ۾ اضافي جو بل واپس وٺنداسين. هن چيو ته ميڊيا تي ڪنهن پابندي جي حق ۾ نه آهيان، ويجهي ماضي ۾ ميڊيا سان جيڪو ڪجهه ٿيو اهو توهان جي آڏو آهي، سرڪاري ادارن کي 600 ارب رپين جي لڳ ڀڳ گرانٽس ملن ٿيون، ڪاروبار هلائڻ حڪومت جو ڪم نه آهي پر حڪومت جو ڪم انهن جي لاءِ پاليسي سازي آهي، اسلام آباد ايئرپورٽ کي شفاف طريقي سان آگسٽ ۾ آئوٽ سورس ڪري ڇڏينداسين، اها رقم قومي خزاني ۾ ايندي. هن چيو ته سازگار ماحول ۾ سيڙپڪاري ٿئي ٿي، چونڊن کانپوءِ جنهن جي به حڪومت اچي ان کي معاشي پاليسي جو تسلسل برقرار رکڻ گهرجي، پرڏيهي پاليسي پاڪستان جي بهترين مفاد تي ٻڌل آهي، پنهنجي ڀائر اسلامي ملڪن ۽ دوست ملڪن سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪري رهيا آهيون ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏئي رهيا آهيون، وڏين طاقتن جي مخالفت نه ٿا ڪري سگهون، انهن سان لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته دڪانن جي رات 8 وڳي بندش بابت اڃا فيصلو ناهي ڪيو، جيڪو به 9 مئي جي واقعي ۾ ملوث نه آهي ان کي ڪو نقصان نه پهچندو ۽ جيڪو ملوث آهي اهو قانون موجب سزا کان بچي نه سگهندو، سول جاين تي حملن جا ڪيس دهشتگردي جي خاتمي واري عدالتن ۾ ۽ فوجي ٺڪاڻن تي حملن جا ڪيس فوجي عدالتن ۾ هلندا، اها ڪهڙي حب الوطني آهي ته ٻاهرئين ماڻهن جي ذريعي ٻاهرئين ملڪن مان چيو وڃي ته پاڪستاني فوج کي هٿيار نه ڏيو، ملڪ جي خلاف زهريلي لابنگ ڪئي وڃي، اهڙي ملڪ دشمني 75 سالن ۾ نه ڏٺي، دشمن اهو ڪم نه ڪيو جيڪو انهن عنصرن ڪيو آهي. شهباز شريف چيو ته نواز شريف کي پاناما جي نالي تي اقاما جي ذريعي ڪڍيو ويو، هن ملڪ جي بهتري جي ڳالهه ڪئي، عمران نيازي کي بي اعتمادي رٿ جي ذريعي ڪڍيو ويو ته هن ملڪ جي خلاف سازشون شروع ڪري ڇڏيون. هن چيو ته مدو پورو ٿيڻ تي حڪومت ڇڏي ڏينداسين، چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته مهانگائي ۾ اضافو ٿيو آهي، 75 سالا تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اربين رپين جي وڏي رقم سان پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ مفت اٽو اسڪيم هلائي وئي، روس کان سستو کاڄرو تيل پاڪستان پهتو آهي، عالمي سطح تي مهانگائي ۾ اضافو ٿيو آهي، اسان کي پنهنجي عادتن کي پڻ بدلائڻو پوندو. هن چيو ته هڪ لک ليپ ٽاپس هلندڙ سال ورهايا پيا وڃن ۽ ايندڙ مالي سال ۾ هڪ لک ليپ ٽاپس ورهايا ويندا. هن چيو ته موجوده حڪومت جي دور ۾ هڪ رپئي جي ڪرپشن جو ڪيس سامهون ناهي آيو، پاڪستان ۽ چين جي اٽامڪ انرجي ڪميشن جي وچ ۾ 1200 ميگاواٽ جي ائٽمي توانائي منصوبي جو معاهدو ٿيو آهي، چين ان جون نواز شريف دور جون قيمتون برقرار رکيون آهن، چين ان جي قيمتن ۾ 30 ارب رپيا وڌيڪ گهٽتائي ڪئي آهي، اها پرڏيهي پاليسي جي وڏي ڪاميابي آهي. وزيراعظم چيو ته مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ اٽو 35 رپيا في ڪلو ۽ کنڊ 52 رپيا في ڪلو هئي، اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ مهانگائي جو طوفان آيو ۽ ڪرپشن ۾ اضافو ٿيو، ان جي حڪومت جي دور ۾ ڪميشن ٺاهيا ويا انهن جي ڪا رپورٽ سامهون نه آئي. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان معاهدي سان معيشت مستحڪم ٿيندي، جولاءِ ۾ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 14 ارب ڊالر تائين پهچي ويندا، عمران خان پاڻ پنهنجي پگهار وڌائي، اسان جي حڪومت سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 30 ۽ 35 سيڪڙو جڏهن ته پينشن ۾ ساڍا 17 سيڪڙو اضافو ڪيو آهي. ان موقعي تي هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته موجوده دور ۾ ڪنهن به صحافي کي تشدد جو نشانو ناهي بڻايو ويو، جيڪڏهن صحافين جا خدشا آهن ته گڏجي ويهي حل ڪنداسين.