حج سيزن ۾ حج پانڌيئڙن جي مدد لاءِ ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن: سعودي ولي عهد
سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي جي حوالي سان ڳالهائيندي مني پيلس ۾ شاهي شخصيتن، مفتي اعظم، عالمن، مشائخن، جي سي سي جي اعليٰ عملدارن، وزيرن ۽ سيڪيورٽي فورسز جي عملدارن جي آجيان ڪئي آهي. عرب نيوز موجب سعودي ولي عهد سعودي شهرين، سعودي ۾ رهندڙ پرڏيهين ۽ حج پانڌيئڙن کي عيدالاضحيٰ جي مبارڪباد ڏني ۽ حج سيزن ۾ حج پانڌئيڙن جي مدد لاءِ عسڪري ۽ سول تنظيمن جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. ان موقعي تي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان چيو ته رياستي ادارن طرفان ڪيل ڪوششون حج پانڌيئڙن جي خدمت، انهن جي آرام کي يقيني بڻائڻ ۽ انهن جي سلامتي کي برقرار رکڻ لاءِ لاڳتي ڪم تي فخر آهي