LOADING

Type to search

سندھی نیوز

وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بيلاروس جي پرڏيهي وزير سرگئي ايلينڪ جي ملاقات

وزيراعظم محمد شهباز شريف بيلاروس سان اقتصادي، زرعي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، تعليم، ثقافت ۽ ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان بيلاروس سان پنهنجي خوشگوار ۽ گهڻ رخي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان لاهور ۾ بيلاروس جي پرڏيهي وزير سرگئي ايلينڪ ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف بيلاروس جي پرڏيهي وزير جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير سرگئي ايلينڪ وزيراعظم کي صدر لوڪا شينڪو جو مبارڪباد وارو پيغام پهچايو جنهن ۾ چيو ويو ته بيلاروس پاڪستان کي خطي جو هڪ اهم ملڪ سمجهي ٿو ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ ان جي ڪوششن کي ساراهي ٿو. وزيراعظم بيلاروس جي پرڏيهي وزير کي ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کان پڻ آگاهه ڪيو. پاڪستان ۽ بيلاروس جي 2024ع ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 30 هين سالگرهه جي ڏس ۾ وزيراعظم مسلسل اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا ۽ ٻين سرگرمين جي آجيان ڪئي. ان سلسلي ۾ هن بيلاروس جي صدر کي جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت جو پڻ ورجاءُ ڪيو.

Leave a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *

WP2Social Auto Publish Powered By : XYZScripts.com