وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪي سي آر پروجيڪٽ بابت اجلاس
ڪراچي (اردو ٹائمز ڈیجیٹل): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪراچي سرڪلر ريلوي (ڪي سي آر) بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، قانوني صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، سينيئر ميمبر باقي الله انڙ، ڪمشنر ڪراچي اقبال ميمڻ، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ سهيل راجپوت شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير چيني عملدارن کان اميد جو اظهار ڪيو ته ڪراچي لاءِ 43.2 ڪلوميٽر ڪي سي آر منصوبو جلد منظور ڪيو ويندو ڇاڪاڻ ته هي واحد منصوبو آهي جيڪو شهر جي ٽريفڪ مسئلن کي حل ڪندو ۽ سنڌ حڪومت سي آر پروجيڪٽ کي جلد شروع ڪرڻ چاهي ٿي. سنڌ جي وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪندي چيو ته ڪي سي آر منصوبي جي ضروري ڪاغذي ڪارروائي جلد مڪمل ڪئي وڃي جڏهن ته هن سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو کي پڻ هدايت ڪئي ته هو ڪي سي آر منصوبي جي زمين بابت مسئلن کي جلد کان جلد حل ڪري هڪ هفتي اندر رپورٽ پيش ڪري. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪي سي آر تي چين سان گڏجي سنڌ ۽ وفاقي حڪومت جو گڏيل ورڪنگ گروپ ٺاهيو ويندو، انشاءَ الله! KCR منصوبو جلد منظور ڪرائي ڪم شروع ڪرايو ويندو