LOADING

Type to search

سندھی نیوز

آمريڪا پاڪستان جو وڏو واپاري حصيدار آهي، اسان آمريڪا سان زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت ٻين شعبن ۾ تعاون وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون: وزيراعظم محمد شهباز شريف

وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آمريڪا پاڪستان جو وڏو واپاري حصيدار آهي، اسان آمريڪا سان زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت ٻين شعبن ۾ تعاون وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن آمريڪي سفارتخاني ۾ آمريڪا جي 247 هين قومي ڏهاڙي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته آمريڪا ۽ ان جي عوام کي قومي ڏينهن جي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، آمريڪا برابري ۽ انصاف جي اصولن تي قائم آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي 75 سالن وارن دوستاڻن لاڳاپن ۾ لاها چاڙها رهيا آهن پر هاڻي آمريڪا سان اسان جا تمام سٺا لاڳاپا آهن. آمريڪا اسان جو وڏو واپاري حصيدار آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا گڏجي ڪم ڪيو، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ 80 هزار پاڪستانين پنهنجي جانين جي قرباني ڏني. وڏي پئماني تي مالي نقصان ٿيو پر ان جي باوجود دهشتگردي جي خلاف اسان جو عزم پختو آهي. هن چيو ته اسان آمريڪا سان زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت ٻين شعبن ۾ تعاون وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون، پاڪستان جي وڏي آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي، انهن جي صلاحيتن مان انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت ٻين شعبن ۾ فائدو کڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته گذريل سال پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي جي ڪري تباهي آڻيندڙ ٻوڏ آئي جنهن سان لکين ماڻهو متاثر ٿيا. ان مشڪل وقت تي آمريڪا اسان جي وڏي مدد ڪئي. هن چيو ته ويجهي ماضي ۾ غلط فهمين جي ڪري پاڪ آمريڪا لاڳاپا متاثر ٿيا پر موجوده حڪومت جي سنجيده ڪوششن جي ڪري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي بحال ڪيو ويو. هن يقين ڏياريو ته پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون جاري رکنداسين ۽ انهن لاڳاپن کي بلندين تائين وٺي وينداسين. هن اميد ظاهر ڪئي ته آمريڪا جو اعليٰ سطحي وفد جلد پاڪستان جو دورو ڪندو جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ان موقعي تي خطاب ڪندي پاڪستان ۾ آمريڪا جي سفير ڊونلڊ بلوم چيو ته پاڪستان کي هن وقت معاشي چئلينجز درپيش آهن، اسان پاڪستان سان واپار سميت ٻين شعبن ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون.

  • ٹیگز

Leave a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *

WP2Social Auto Publish Powered By : XYZScripts.com