LOADING

Type to search

سندھی نیوز

سعودي عرب حج سيزن ۾ ساڍا 7 لک ماڻهن حرمين ٽرين ۾ سفر ڪيو: سعودي ريلوي ڪمپني

سعودي ريلوي ڪمپني (سار) چيو آهي ته حج سيزن 2023 دوران ساڍا ست لک ماڻهن حرمين ٽرين ۾ سفر ڪيو، ميڊيا رپورٽن موجب ريلوي ڪمپني سار جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته هلندڙ حج سيزن دوران حرمين ايڪسپريس جو آپريشنل پلان ڪامياب رهيو، حرمين ٽرين 36 هزار کان وڌيڪ رائونڊ لڳايا جيڪي 2022 جي ڀيٽ ۾ 79 سيڪڙو وڌيڪ هئا، جڏهن ته 227 اضافي ريل گاڏيون هلايون ويون جڏهن ته مشاعر مقدسه ٽرين 98 سيڪڙو وقت جي پابندي ڪئي، حرمين ٽرين مڪي، مديني،جده، سليمانيه، ڪنگ عبدالعزيز انٽرنيشنل ايئر پورٽ ۽ ڪنگ عبدالله اڪنامڪ سٽ مان گذري.

Leave a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *

WP2Social Auto Publish Powered By : XYZScripts.com